انيس گل عباسي

انيس گل عباسي

انيس گل عباسي

انيس گل عباسي: ناليواري اديب، شاعر ۽ تعليمدان انيس گل عباسيءَ جو پورو نالو گل محمد ولد مدد علي عباسي آهي. سندس جنم 05 مارچ 1959ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو. هي سنڌي ادب ۾ ايم. اي آهي. انيس گل عباسي 1974ع کان ادب ۾ پير پاتو. سندس لکڻيون سنڌ جي مختلف ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون. هيءُ سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو ميمبر ۽ سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جو جنرل سيڪريٽري آهي. هن شاهه لطيف، علامه اقبال سميت ڪيترن ئي شخصيتن تي ڪم ڪيو آهي. انيس گل ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي طرفان نڪرندڙ تعليمي مئگزين ‘انڊس’ جو 1998ع کان ايڊيٽر آهي ۽ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شعبي جو سربراهه ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘خوشبو خوشبو خيال’ (مرتب: 2000)، ‘وڻ وڻ پنهنجو واس’ (مرتب: 2009) ۽ ‘اڻپورا ارمان’ (شاعري: 2014) شايع ٿيل آهن.


لفظ انيس گل عباسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.03.05  عيسوي

انيس گل عباسي جو جنم 05 مارچ 1959ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چغتائي عصمت
نور الدين سرڪي
ڏيپلائي محمد علي
اندرا واسواڻي
ڊاڪٽر عبدالغفورسنڌي ميمڻ
حميد ابڙو
شيخ عبدالقادر ڪوڪباني
ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي
رسول ميمڻ
چانڊيو منير2
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون